SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


NOD Non Offensive Defence

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nəd
  • nɔnəkseptəns
  • əfensiv
  • difens
  • )

From the Dictionary of International Relations:

NOD Non Offensive Defence

نان افينسوِ ڊفينس

غير جنگي دفاع- اڳڀرائيءَ کان وانجهيل دفاع

عدم جنگي دفاع ٻن قسمن يعني جنگي ۽ دفاعي صلاحيتن ۾ بقادار/ پائيدار اڳڀرائي حاصل ڪرڻ لاءِ پاليسي ٺاهيندڙ جي اهليت تي دارو مدار رکي ٿو، اهو معيار ان شرط تي حاصل ٿي سگهي، جڏهن ”عدم جنگي دفاع“ (NOD) هڪ پاليسيءَ طور دفاعي حڪمت ٺاهڻ ۾ مصروف رکندي مختلف رياستن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽائي سگهي، جيڪا صورتحال اصل ۾ روايتي جنگ/دفاع کان گهٽ چڙ ڏياريندڙ عنصر آهي. ان کان علاوه NOD جا حامي ائٽمي هٿيارن جي جنگ کان روڪڻ لاءِ ائٽمي هٿيارن جي برابريءَ واري قوت ( Deterrence) حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ان کي هڪ حڪمت عملي طور وڌيڪ موثر ۽ وزنائتي هجڻ جو دليل ڏين ٿا، عام طرح NOD لازمي طرح سان هٿيارسازيءَ واري عمل کان وانجهيل هڪ اهڙو سرشتو آهي، جنهن طريقي کي هٿيارن کان ماورا (Trans armament) طريقو سڏيو ويو آهي. ايئن کڻي چئجي ته هي هڪ اهڙو سرشتو آهي جنهن جو زور اهڙا هٿيار حاصل ڪرڻ طرف هجي ٿو، جيڪي دفاعي هجڻ سان گڏ دفاعي پاليسين کي عملي جامو پهرائيندڙ هجن. NOD جي حڪمت عملي تمام گهڻي حد تائين نيوڪليائي هٿيار جوڙڻ ۽ حقيقت ۾ انساني/حياتياتي تباهيءَ واري صلاحيت رکندڙ هٿيارن ٺاهڻ ۽ ذخيرو ڪرڻ واري عمل جي خلاف آهي، ڇاڪاڻ جو اهڙا طريقا ڌمڪائيندڙ هجڻ ڪري عدم توازن پيدا ڪندڙ هوندا آهن. تڪراري رياستن لاءِ NOD واري پاليسيءَ جو اهو واضع پيغام آهي ته: ”جيڪڏهن مون کي خطري جو اشارو نه ڏيندين ته مان به توکي خطري ڀري ڌمڪي نه ڏيندس“ ڇاڪاڻ جو مهذب عالمي سرشتي ۾ اهڙي قسم جي هٿيارن جوڙڻ لاءِ ڪابه گنجائش نه آهي. انهيءَ ڪري ”عدم جنگي دفاع“ جو سرشتو هٿيارن کان پاڪ عالمي برادريءَ جي قيام تي زور ڏئي ٿو، تنهن هوندي به اهو” هٿيار ڪلچر“ جي تصور کي مڪمل طور رد نه ٿو ڪري. ’هٿيارن تي ضابطي‘ (Arms Control) واري اصطلاح وانگر اهو سرشتو قبول ڪري ٿو، ته هٿيار عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام مهيا ڪن ٿا، پر هٿيار سازيءَ جو عمل دفاعي مقصد لاءِ وڌيڪ مڃتا جي گهر ڪري ٿو. جڳ مشهور ماهر ’بيري بوزان‘ ان صورتحال جي نشاندهي ڪندي چوي ٿو: ”جيڪڏهن سڀ رياستون NOD جي پاليسي اختيار ڪن ته حقيقت ۾ بين الاقوامي تعلقات مان سيڪيورٽي ۽ عدم سلامتي وارو مونجهارو ئي ختم ٿي وڃي.“


Remember Me Also:

ڊس

ث. ڊاسڙ زمين ، وارياسي زمين ، ڊَسُڙُ ، ڌُوڙ واري زمين ، بُسُڙُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal